اسلام آباد(شهزاد اقبال+رئوف ڪلاسرا+اطهر ڪاظمي)صدر ۽ وزيراعظم جي تبديلي جا افواهه دم ٽوڙي ويا،وزيراعظم سمورين سياسي جماعتن کي ميثاق استحڪام پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي،ان کان علاوه ملڪي سياست ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي،نون صوبن جي قيام ۽ وسيلن جي صوبن کان ضلعن ڏانهن منتقلي تي افواهه شروع ٿي ويا آهن،اهم ڳالهه اها آهي اهم سياسي اڳواڻن۽ ڪاروباري شخصيتن ۽ ٻين حلقن پاران اهڙا آواز تڏهن سامهون آيا آهن جڏهن اڳ ۾ امڪاني 27 هين ترميم کي وٺي افواهه جاري آهن،ٻه ڏينهن اڳ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته صوبن کان ضلعن تائين اختيارن جي منتقلي جي تجويز غور هيٺ آهي،صوبا به پنهنجي ضلعن ۾ آبادي،پسماندگي جي ڪيٽيگري رکي وسيلا منتقل ڪن،ضلعن،تعلقن ۽ يوسيز تائين فنڊ وڃڻ گهرجن،هن چيو ته پ پ سان ان معاملي تي صلاح مشورو ناهي ٿيو،ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي وزير احسن اقبال به اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي جي ڳالهه ڪئي هئي جواب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئين اين ايف سي ايوارڊ جو مطالبو ڪندي چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن جي ذميوارين ۾ واڌ ٿي آهي ان ڪري وفاق کان صوبن کي وڌيڪ فنڊ ملڻ گهرجن ،جڏهن ته موجوده نظام کي هن وقت ڪو به خطرو نظر نه پيو اچي،آمريڪا سان واپاري معاهدي،چين سان لاڳاپن ۾ بهتري ۽ ڀارت سان جنگ کٽڻ بعد اسٽيبلشمينٽ مقبول آهي،صدر ۽ وزيراعظم جي تبديلي ۽ فيلڊ مارشل جي صدر بڻجڻ واريون خبرون رڳو ”انٽرٽينمينٽ“ جو حصو آهن،عوام کي به ٿورو”چسڪو“ کپي ته ڪڏهن هي حڪومت وڃي ٿي؟زميني صورتحال ڏسجي ته عمران خان جيل ۾ هئڻ باوجود مقبول آهي،اهو اڃا تائين طاقتورن لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي پوءِ اسٽيبلشمينٽ پ پ جي صدر کي هٽائي اهم سياسي اتحادي سان ڇو ڦڏو وجهندي؟وزيراعظم شهبازشريف کي به ڇو هٽايو ويندو؟نئين وزيراعظم ۽ صدر جون ڳالهيون”سياسي چسڪي“ کانسواءِ ڪجهه ناهن،جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته پ پ،ن ليگ،بلاول،مريم نواز ۽ ٻيون سڀ پارٽيون گڏجي به هن نظام کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر پيو اچن،26هين ترميم کانپوءِ عدليه جي ساک به ويهي رهي آهي،ساڍا ٽي سال گذرڻ باوجود عمران خان لاءِ شيطان جون تشبيهون ڏئي هن کي معافي وٺڻ لاءِ چيو پيو وڃي ٻئي پاسي حڪومت 26 نومبر تائين دٻاءُ ۾ هئي،عمران خان ڊيل جو موقعو وڃائي ڇڏيو،هاڻي هن جي بارگيننگ پوزيشن ڪمزور ٿي چڪي آهي،عمران خان سياست کي ٽي ٽوئنٽي وانگر هلائي رهيو آهي،هو 24 ڪلاڪ به خاموش رهي ته ڳالهين جي گنجائش ٺهي سگهي ٿي،اسٽيبلشمينٽ کي به عمران خان جي مزاج جي خبر آهي ان ڪري معافي جو مطالبو ڪيو آهي،سڀني کي خبر آهي ته عمران خان معافي وٺڻ وارو شخص ناهي،فوج به نٿي چاهي ته هو معافي وٺي،ٻن طاقتورن وچ ۾ انا جي جنگ جاري آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 18آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو