ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان خيبر پختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن جي ٿيلهن ۽ کاڌي پيتي جي ٻين ضروري شين سان ڀريل 10 ٽرڪون موڪلون ويون.
وڏي وزير مراد علي شاهه خيبر پختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ واٽر فلٽريشن پلانٽ، راشن جا ٿيلها ۽ ٻين ضروري شين جا ڀريل 10 ٽرڪون روانيون ڪيون.
واضح رهي ته مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت طرفان فوري طور امدادي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو هو.
سنڌ حڪومت خيبر پختونخواهه جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان جون 10 ٽرڪون موڪلي ڇڏيون
You might also like