سوات (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسان وٽ وسيلا موجود آهن، ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي.
ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کانپوءِ سوات ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي پر جيڪڏهن ڪو فرض ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ضرور ڪري، هر شخص جي نقصان جو ازالو ڪنداسين، عوام سان ڪريل سمورا واعدا نڀائينداسين.
هن چيو ته قدرتي آفت جو انسان مقابلو نٿو ڪري سگهي، وزيراعظم ۽ وزيرن رابطو ڪري مدد جي آڇ ڪئي، اها وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها ڏکئي وقت ۾ مدد ڪري ۽ سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت پنهنجو فرض سمجهي اسان جي مدد ڪندي.
You might also like