مس يونيورس جي مقابلي ۾ شرڪت ڪندڙ روسي ماڊل ڪار حادثي ۾ اجل جو شڪار

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) مس يونيورس جي مقابلي ۾ حصو وٺندڙ روسي ماڊل ڪسينيا ايلڪزينڊروا ڪار حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روسي ماڊل 5 جولاءِ تي روس جي علائقي توير اوبلاست ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ گاڏي ۾ سفر ڪري رهي هئي ته اوچتو سندس ڪار سامهون هڪ جانور اچي ويو، جيڪو تيز رفتاري سبب گاڏي جو شيشو ڀڃندي اندر هليو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪسينيا ايلڪزينڊروا کي مٿي ۾ سخت ٿڪ لڳا ۽ هوءَ ڪوما ۾ هلي وئي هئي.
ڊاڪٽرن طرفان ڀرپور ڪوششن باوجود ڪسينيا کي هوش نه آيو ۽ 15 آگسٽ تي هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي، جڏهن ته حادثي ۾ سندس مڙس محفوظ رهيو هو.
30 ورهين جي ڪسينيا ايلڪزينڊروا 2017 ۾ مس يونيورس جي مقابلي ۾ روس جي نمائندگي ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ ٽاپ 16 ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهي هئي.
هوءَ نائب مس روس به چونڊي هئي، حادثي کان 4 مهينا اڳ ئي سندس شادي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.