ايشيا ڪپ لاءِ اسڪواڊ جي چونڊ تي سرفراز احمد ۽ عبدالرزاق جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان جي اعلانيل اسڪواڊ تي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ۽ اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق جو ردعمل اچي ويو.
صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته سٺي اسڪواڊ جي چونڊ ڪئي وئي آهي، دبئي جي پچن تي پاڪستان جو رڪارڊ شاندار رهيو آهي، ٽيم ٽورنامينٽ کٽي سگهي ٿي.
هن چيو ته گذريل ڪجهه عرصي کان ٽيم اڀري رهي آهي، حسن نواز، حسين طلعت، صائم ايوب سميت نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي، فخر زمان به ميچ ونر آهي.
عبدالرزاق چيو ته ٽيم ميرٽ تي ٺهي رهي آهي ۽ اميد ته سٺو پرفارم ڪندي، نيڪ خواهشون ٽيم سان گڏ آهن، ٽيم ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي، جيڪي جارحاڻي انداز ۾ کيڏي رهيا آهن، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي، پاڪستان کي انهن نوجوانن مان پاور هٽر ملندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.