لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي مشهور يوٽيوبر سعد الرحمان عرف ڊڪي ڀائي کي لاهور ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب ڊڪي ڀائي خلاف مختلف ڪيسن ۾ جاچ جاري هئي ۽ سندس نالو پروويزنل نيشنل آئيڊينٽيفڪيشن لسٽ ۾ شامل هو.
اين سي سي آءِ اي ترجمان موجب جوابدار سوشل ميڊيا تي مختلف وڊيوز ذريعي جوا جي ڪيترين ئي ايپس کي پروموٽ ڪيو، جاچ لاءِ جوابدار جي موبائل فون به قبضي ۾ ورتي وئي آهي.
ڊڪي ڀائي ٻاهرئين ملڪ روانگي جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته جيئن قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي پر ايئرپورٽ اختيارين کيس روڪي ورتو.
اختيارين يوٽيوبر کي جوا جي وديوز کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو.
عدالت جوابدار کي 19 آگسٽ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اين سي اي آءِ اي کان ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي.
You might also like