بابر پرفارم نه پيو ڪري ته ٻين ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن: شوقين عاقب جاويد تي ڏمريل

لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ملڪي سيريز ۽ ايشيا ڪپ جي اسڪواڊ مان بابر اعظم کي ڊراپ ڪرڻ تي قومي سليڪٽر ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد جواز پيش ڪيو ته ٽيم ۾ اهو ئي کيڏندو جيڪو پرفارم ڪندو، جيئن ٻيا رانديگر پرفارم ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن بابر به ڪندو ته يقينن کيڏندو.
عاقب جاويد جي اهڙي موقف تي ڪرڪيٽ شوقين مٿس ڏمرجي پيا ۽ انهن سوال اٿاريو آهي ته ٻيا رانديگر ڪهڙو پرفارم ڪري رهيا آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن عاقب جاويد تي تنقيد ڪندي چيو ته ٻڌايو خوشدل شاهه جي ڪهڙي ڪارڪردگي آهي جو اهو ٽيم ۾ کيڏي رهيو آهي، خوشدل شاهه 37 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 17.91 جي ايوريج سان رڳو 430 رنسون ٺاهيون آهن ۽ هڪ به ففٽي اسڪور ناهي ڪئي.
ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن فخر زمان، حسن علي ۽ فهيم اشرف جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريا، ڪجهه واهپيدارن چيو ته اسڪواڊ ۾ رڳو صاحبزادا فرحان ۽ حسن نواز جو اسٽرائيڪ ريٽ سڀني کان بهتر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.