لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي سليڪٽر ۽ هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر عاقب جاويد چيو آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان لاءِ ٽي ٽوئنٽي جا دَر هميشه لاءِ بند ناهن ٿيا.
ايشيا ڪپ ۽ ٽي ملڪي سيريز لاءِ اسڪواڊ جي اعلان جي موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي عاقب جاويد چيو ته ٽيم ۾ اهو ئي کيڏندو جيڪو پرفارم ڪندو، اسان اهو نٿا چئون ته بابر ۽ رضوان هاڻ ڪڏهن به ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ واپس نه ايندا، رانديگر پنهنجي ڪارڪردگي سان ٽيم ۾ جاءِ ٺاهي سگهن ٿا.
هن چيو ته جيئن ٻيا رانديگر پرفارم ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن بابر ۽ رضوان به ڪندا ته يقينن کيڏندا، ٻنهي سان ڳالهه ٻولهه به ٿي ۽ کين گائيڊ لائنز ڏنيون ويون ته اهي ڪجهه شيون بهتر ڪن.
You might also like