نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهر نيو يارڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب فائرنگ جو واقعو بروڪلين ڪائونٽي جي هڪ ڪلب ۾ پيش آيو.
اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته جوابدار اوچتو انڌاڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.
پوليس موجب فائرنگ جو مقصد اڃا تائين واضح ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
You might also like