صحتيابيءَ کانپوءِ صبا قمر پنهنجي ڪم سان لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور اداڪارا صبا قمر صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
صبا قمر شوٽنگ دوران طبعيت خراب ٿيڻ جي ٻن هفتن کانپوءِ ڪم تي واپسي جو اعلان ڪيو آهي.
هن سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته صحتياب ٿيڻ کانپوءِ اڄ شوٽنگ جو پهريون ڏينهن آهي ۽ نئين پراجيڪٽ لاءِ انتهائي پرجوش آهيان پر هن سوشل ميڊيا واهپيدارن کي نئين پراجيڪٽ جا تفصيل نه ٻڌايا.
صبا قمر اهو به ٻڌايو ته مان مڪمل طور صحتياب ناهيان پر هوريان هوريان بهتري ڏانهن وڌي رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.