لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته تازي جنگ ۾ ڀارت جي هر حڪمت عملي جو اسان کي اڳواٽ پتو پئجي ويندو هو، اسان جي انٽيليجنس ايجنسين بهترين ڪم ڪيو.
لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته ڀارت سرعام پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي، نائين اليون کان اڄ تائين ٿيندڙ دهشتگردي جو فائدو ڀارت کي ٿيو آهي.
هن چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارت جا سڀئي چيف ڌار ڌار مودي سان ملندا رهيا، سندن پائلٽ تيار نه هئا پر اسان جي هٿياربند فوجن ڀارتي جارحيت جو منهن توڙ جواب ڏنو ۽ اسان جون سڀئي سياسي جماعتون متحد هيون.
محسن نقوي چيو ته سڄي ڊرامي جي پويان اجيت دوول ۽ امت شاهه هئا، اهي ٻئي پاڻ به ٻڏندا ۽ مودي کي به ٻوڙيندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت جنگ ۾ انٽيليجنس ايجنسين شاندار ڪم ڪيو، جنگ ۾ ڀارت جي هر منصوبي جو علم اسان کي گهڻو اڳ ملي ويندو هو.
هن چيو ته الله جي مدد اسان سان گڏ هئي، ڀارت اسان جي اهم بيس تي 7 ميزائل فائر ڪيا، انهن مان ڪو به ميزائل بيس تي نه لڳو، جنهن بيس تي اسان جا قيمتي اثاثا هئا، اُتي هڪ به ڀارتي ميزائل نه لڳو، ان جي ابتڙ جڏهن اسان ڀارت تي ميزائل فائر ڪيا ته اهي ڪجهه تبديلي باوجود وڏن آئل ڊپو تي وڃي لڳا، اسان 26 هنڌن تي ميزائل فائر ڪيا، جيڪي سڀ ٽارگيٽ تي لڳا، ڀارت مرسڊيز ۽ پاڪستان ڊمپر وانگر آهن، سڀني کي خبر آهي ٽڪر جو نتيجو ڇا ٿيندو.
گهرو وزير چيو ته ڀارتي جهاز ڪرڻ جا ثبوت منٽن ۾ اسان وٽ اچي ويا، ڀارتي جهاز ڪرڻ تي فيصلو ڪيوسين ته وڊيو اچڻ کان اڳ اعلان نه ڪنداسين، جڏهن ڀارتي جهاز ڪريا ته انهن جا ثبوت اسان وٽ سندن ميڊيا کان اڳ پهچي ويا، اسان وٽ 6 جهاز ڪرڻ جا ثبوت موجود آهن.
You might also like