ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي ميمبر ۽ خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته آفتن سان متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ڪندڙ ورڪر اسان جا حقيقي هيرو آهن، هن خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين ۽ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، ساڳي طرح آصفه ڀٽو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برساتن ۽ سيلاب جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهين تي افسوس ظاهر ڪيو آهي، خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري ٻوڏ ۽ برساتن ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن لاءِ تعزيت جو پيغام ڏنو آهي، هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اهي علائقا جتي زميني رستا ختم ٿي ويا آهن، اتي ترجحي بنيادن تي ڌيان ڏني وڃي.