ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جون پگهارون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن ۽ انهن ۾ گهڻي عرصي کان ڪا به واڌ نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ وقت بوقت ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ويندو رهيو آهي،ناصر حسين شاهه وضاحت ڪئي ته هي اضافو ڪو وڏو اضافو نه هوندو پر رڳو ٻين صوبن جي برابر ڪيو ويندو، ۽ اهو وزيرن جي پگهارن تي لاڳو نه ٿيندو. هن چيو ته ان حوالي سان اڃا ڪو به حتمي فيصلو يا انگ مقرر نه ڪيو ويو آهي. هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا ٻين صوبن جي تفصيلن جو جائزو وٺي پنهنجون سفارشون پيش ڪندي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي جڏهن به اقتدار جو موقعو مليو ته سنڌ ۽ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا، جن جي مثال انڊر پاسز، اوور هيڊ برجز، انفراسٽرڪچر ۽ ٻيا وڏا منصوبا آهن. هن چيو ته 2008 کان 2025 جي دور ۾ جيتريون ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿيون، اهي ماضي جي سمورن دورن کان وڌيڪ آهن ۽ اهو رڪارڊ تي موجود آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته اهو رڳو هڪ غلط تاثر پکيڙيو ويو آهي ته ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو يا ان سان سوٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ٿيو پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.