سانگهڙ ۾ صحافي جو موت، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ۾ صحافي خاور حسين جي موت جي معاملي تي پوليس جي جاچ جاري آهي ۽ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به سامهون اچي وئي آهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ظاهري طور لڳي ٿو ته خاور حسين پنهنجي ئي پسٽل سان پاڻ کي گولي هنئي، صحافي جي مٿي ۾ لڳل گولي ان جي پنهنجي پسٽل جي آهي، پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ظاهري طور آپگهات سامهون آيو آهي.
پوليس اختيارين موجب فنگر پرنٽس ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج سميت ٻيون شاهديون حاصل ڪيون ويون آهن، سي سي ٽي وي ۾ خاور ريسٽورنٽ ۾ ويندي، ايندي ۽ گاڏي ۾ ويهندي نظر اچي رهيو آهي، واقعي کان اڳ خاور ٻه ڀيرا ريسٽورنٽ ۾ آيو ويو، ٻن اکين ڏٺن شاهدن خاور حسين کي گاڏي مان ريسٽورنٽ ۾ ويندي ڏٺو.
اختيارين ٻڌايو ته خاور حسين جي موبائل فون جي فرانزڪ ڪرائي پئي وڃي ۽ هر رخ کان جاچ جاري آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خاور ٻن ڪلاڪن تائين هوٽل ٻاهران گاڏي ۾ رهيو، هو ٻه موبائلون استعمال ڪري رهيو هو، هڪ هٿ آئي آهي ۽ ٻي گم آهي، جنهن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.