انسانن بدران مصنوعي ذهانت کي ترجيح، ٽِڪ ٽاڪ ملازمن جون هڙتالون

شارٽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن ٽِڪ ٽاڪ طرفان انساني ماڊريٽرز کي هٽائي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ماڊريٽر مقرر ڪرڻ جي اعلان بعد جرمني ۾ ملازمن هڙتالون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
برطانوي اخبار ”دي گارجين“ جي رپورٽ موجب، ٽڪ ٽاڪ شروعاتي طور تي جرمني ۾ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم کي اي آءِ سان بدلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ٽِڪ ٽاڪ موجب، پليٽفارم تان نقصانڪار مواد کي هٽائڻ جي ذميوار سموري انساني ماڊريشن ٽيم ختم ڪئي ويندي ۽ اهو ڪم آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ ڪانٽريڪٽ ورڪرز کي ڏنو ويندو، جنهن سان 150 ملازمن کي مان ڪڍيو ويندو.
ڪمپني جي اعلان کانپوءِ ٽِڪ ٽاڪ جي ملازمن جي نمائندگي ڪندڙ ٽريڊ يونين گذريل ڪجهه هفتن کان ڪمپني سان ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪمپني ملازمن جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
برلن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم جرمن ٻولي ۾ شيئر ٿيندڙ مواد جي نگراني ڪن ٿا ۽ لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 20 لک واهپيدارن جي مواد کي ڏسندا آهن.
ٽڪ ٽاڪ جون جرمنيءَ ۾ ڪيئي آفيسون آهن، پر گاديءَ واري شهر برلن سڀ کان وڏو مرڪز آهي، جتي اٽڪل 400 ملازم ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم جي برطرفي سان اتي افرادي قوت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي.
جرمني سميت سڄي دنيا ۾ ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم جو ڪم اهو هوندو آهي ته پليٽفارم تي اپلوڊ ٿيندڙ وڊيوز ۾ پرتشدد، فحش، غلط ڄاڻ يا نفرت جوڳيون تقريرون نه هجن ۽ ڪمپني پاليسي جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
جرمن ملازم روزانو لڳ ڀڳ 1000 وڊيوز جو جائزو وٺندا آهن ۽ ان ڪم لاءِ اڪثر ڪري اي آءِ جي مدد پڻ ورتي ويندي آهي.
گذريل هڪ سال دوران ٽڪ ٽاڪ دنيا ۾ پنهنجي ٽرسٽ اينڊ سيفٽي عملي ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ۽ گهڻو ڪم اي آءِ کان ڪرائڻ شروع ڪيو آهي.
سيپٽمبر 2024 ۾ ڪمپني طرفان نيڌرلينڊز ۾ 300 ڪانٽينٽ ماڊريٽرز کي نوڪري مان ڪڍيو ويو هو، آڪٽوبر 2024 ۾ ملائيشيا ۾ لڳ ڀڳ 500 ماڊريشن عملي کي به اي آءِ جي حق ۾ هٽايو ويو.
رواں سال فيبروري ۾ ”رائٽرز“ رپورٽ ڪيو هو ته ٽڪ ٽاڪ ايشيا، يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ به ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم جو وڏو حصو ختم ڪري رهيو آهي.
واضح رهي ته اهڙي طرح ٻيون سوشل ميڊيا ڪمپنيون جهڙوڪ ايڪس ۽ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مالڪ ڪمپني ميٽا به گذريل ڪجهه سالن دوران ٽرسٽ اينڊ سيفٽي ٽيم ۾ گهٽتائي ڪري چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.