سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي، سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين، اياز لطيف پليجي چيو  ته ڪرپشن، سفارش، رشوت ۽ اقرباپروري سڄي انفراسٽرڪچر کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي جيڪو جيترو طاقتور آھي،  اھو پنھنجا حُڪم ھلائي ٿو. مختلف ضلعا وزيرن ۽ ايم پي ايز کي جاگيرون بنائي ڏنا ويا آھن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڌاڙيل پالي رھي آھي. سنڌ جو امن امان تباھ ڪيو ويو آھي. جيڪو ماڻھو اغوا ٿئي ٿو، اھو ڀنگ ڀري بازياب ٿئي ٿو، سنڌ پوليس منشيات فروشن جي سرپرستي ۽ وزيرن کي پروٽوڪول ۾ مصرف آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي اقتدار کي بچائڻ لاءِ سنڌو درياھھ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو ته پ پ پ جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي. ايندڙ وقت سنڌ لاءِ وڌيڪ ڏکيو آهي پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليفن جي ڪا به  پرواھ نه آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.