وڏي وزير جو گنڊاپور کي فون، ڪي پي ۾ ٻوڏ سبب نقصان ڏُک جو اظهار، زخمين کي ڪراچي ۾ علاج جون سهولتون ڏيڻ جي آڇ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)وڏي وزير مراد علي شاهه خيبرپختونخوا جي همصنب سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون ۽ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو.
جاري ڪيل بيان موجب، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور کي چيو ته تڪليف جي هن گهڙي ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون ۽ ڪي پي جي ڀائرن لاءِ جيڪا به مدد گهربل هجي، اسان موجود آهيون.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته زخمين جي علاج لاءِ به ڪراچي ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ تي تيار آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.