اليڪٽرڪ اسڪوٽر هلائڻ پابندي لڳي وئي..!

عجمان(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي شهر عجمان ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽر هلائڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، شهرين جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي عجمان جي روڊن تي اليڪٽرڪ اسڪوٽر هلائڻ بندش هوندي.
پوليس جو چوڻ آهي ته عوامي هنڌن تي هر قسم جي اليڪٽرڪ اسڪوٽر جو استعمال بند آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ گذريل مهيني انتظاميا طرفان ايڊوائزري جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ اليڪٽرڪ اسڪوٽر۽ اليڪٽرڪ سائيڪل سوارن کي قانون تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.