نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ ٿولهه واري مسئلي تي ڳڻتي ورائي وئي
ڀارت جي آزاديءَ واري ڏينهن تي قوم سان خطاب ڪندي مودي چيو ته ايندڙ سالن ۾ ٿولهه ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي سگهي ٿو. هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هر گهر رڳو 10 سيڪڙو کاڄرو تيل جو استعمال گهٽائي ته قوم جي صحت بهتر ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب، خوراڪ جي ماهرن گهڻي وقت کان خبردار ڪيو آهي ته تيل ۾ تَريل ۽ فاسٽ فوڊز جو وڌيڪ استعمال عوام ۾ ٿولهه، ڪوليسٽرول ۽ دل جي بيمارين جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي.
مودي عوام کي صلاح ڏني ته کاڌي لاءِ روايتي طريقا اختيار ڪيا وڃن جنهن ۾ تيل جو استعمال تمام گهٽ ٿئي ٿو جئين روسٽنگ ۽ بوائلنگ.
ان کانسواءِ وزيراعظم عوام کي ورزش کي زندگي جو لازمي حصو بڻائڻ، پنڌ ڪرڻ ، يوگا ڪرڻ، سائيڪل هلائڻ ۽ گهر ۾ ورڪ آئوٽ ڪرڻ جي صلاح ڏني.
هن چيو ته خوراڪ ۾ ڪَڇ، دالون، سبزيون ۽ موسمي ميوا وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيا وڃن.
موديءَ جي ڳڻتي جو ڪارڻ ڇا آهي؟
ڀارت جي نيشنل فيملي هيلٿ سروي 2019-21 موجب، ملڪ ۾ 24 سيڪڙو عورتون ۽ 23 سيڪڙو مرد ٿولهه جا شڪار آهن، جيڪي 2015 ۾ ترتيبوار 20.7 ۽ 18.6 سيڪڙو هئا.
رپورٽ موجب، شهري علائقن ۾ ٿولهه جا مسئلا وڌيڪ آهن، پر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڻ تيزي سان بدلجندڙ زندگي جي انداز کان متاثر ٿي رهيا آهن ۽ اتي به ڪيلوريز جو استعمال وڌي ويو آهي.
ٻئي پاسي، انڊين ڪائونسل آف ميڊيڪل ريسرچ جي 2023 جي مطالعي موجب، ملڪ ۾ 101 ملين ماڻهو شوگر جا شڪار آهن، جڏهن ته 1360 ملين ماڻهو ٿولهه سبب شوگر ٿيڻ جي خطري ۾ آهن.