واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ ۽ ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ناڪام ٿي ته ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪيا ويندا. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته آمريڪا اڳ ۾ ئي ڀارت تي 25 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي، ۽ هاڻ اهي ٽيرف وڌيڪ وڌائي سگهجن ٿا. ٽرمپ ڀارت تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لڳايو، مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته آمريڪا ڀارت تي اڳ ۾ ئي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته روس کان پيٽروليم شيون خريد ڪرڻ جي ڪري اضافي 25 سيڪڙو ٽيرف ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، جنهن سان ڀارت کي آمريڪا طرفان مجموعي طور 50 سيڪڙو ٽيرف جو منهن ڏيڻو پوندو. آمريڪي ناڻي واري وزير موجب، جيڪڏهن ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ڳالهين ۾ ناڪامي ٿي ته ڀارت تي لاڳو ٿيندڙ مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو کان به وڌي سگهن ٿا. اسڪاٽ بيسنٽ چيو آهي ته ڀارت تي وڌيڪ ٽيرف جو دارومدار ٽرمپ-پيوٽن ڳالهين جي نتيجي تي آهي. ياد رهي ته ٽرمپ ۽ پيوٽن جي ملاقات اڄ الاسڪا ۾ ٿيندي، جيڪا 2021 کانپوءِ پهرين ڀيرو ڪنهن موجوده آمريڪي ۽ روسي صدر جي سڌي ملاقات هوندي. آمريڪي صدر چيو آهي ته هو جمعي تي روسي صدر سان الاسڪا ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان پوءِ ٻي ملاقات ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا. ٽورمپ چيو آهي ته هو چاهين ٿا ته ان ملاقات ۾ يوڪرين جو صدر ولاديمير زيلينسڪي به شامل هجي، ۽ اها ملاقات تڏهن ٿيندي جيڪڏهن سڀئي ڌريون راضي ٿين.