اسلام آباد(زاهد گشڪوري)اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان آئيني عدالت جو سربراهه بڻجڻ لاءِ لابنگ شروع ڪري ڇڏي،عدليه ۾ اهم ترين عهدي تي رهندڙ اها شخصيت تڪراري به رهي آهي،هن لنڊن جو دورو به ڪيوآهي ۽ يورپ جي هڪ ملڪ به ويو آهي،هن حڪومت جي اهم شخصيتن سان رابطو ڪري مطالبو ڪيو آهي ته کيس ڪو آئيني عهدو ڏنو وڃي،اڳوڻو چيف جسٽس ٽن عهدن مان ڪو هڪ گهريو اهي، انهن ۾ اليڪشن ڪمشنر،هڪ صوبي جي گورنري ۽ ٽيون آئيني عدالت جو سربراهه بڻجڻ آهي،هن جو ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان سٺا لاڳاپا آهن،ٻئي پاسي اڳوڻي چيف جسٽس جا ويجها ذريعا دعويٰ پيا ڪن ته هو ڪنهن عهدي لاءِ دلچسپي نٿو رکي،جيڪڏهن حڪومت آئيني ذميواري ڏيڻ چاهي ٿي ته هو فيصلو ڪندو،جڏهن ته هڪ ٻيو اڳوڻو چيف جسٽس به ان آئيني ذميواري جو خواهشمند آهي.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، جمعو 15آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو