ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ايندڙ هفتي سنڌ جي مختلف حصن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي جو سسٽم 17 آگسٽ جي رات ڀارتي گجرات رستي سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب ان سسٽم تحت 18 کان 23 آگسٽ دوران سنڌ جي ڪيترن ئي حصن ۾ برسات جو امڪان آهي، ڪٿي ڪٿي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 18 کان 23 آگسٽ دوران ڪراچي ۾ ٻه سٺا اسپيل اچي سگهن ٿا، جنهن سبب شهر ۾ وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي.
You might also like