سنڌ جي سرزمين هر دور ۾ وطن جي خدمت لاءِ اڳڀري رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي سرزمين هر دور ۾ وطن جي خدمت لاءِ اڳڀري رهي آهي، آزادي جو ڏينهن عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي، اسان کي ترقي، اتحاد ۽ استحڪام جي راهه تي هلڻ گهرجي.
مراد علي شاهه پاڪستان جي باني قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري گورنر ڪامران ٽيسوري سان گڏ قومي پرچم لهرايو، پوءِ هن فاتحه خواني ڪئي ۽ قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪندي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا.
مراد علي شاهه چيو ته شهيدن جون قربانيون سڄي قوم لاءِ فخر ۽ مشعل راهه آهن، دهشتگردي، غربت ۽ جهالت جو خاتمو اجتماعي ڪوششن سان ئي ممڪن آهي.
هن چيو ته هر شهري کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسان جو مشن آهي، پاڪستان کي جديد، پرامن ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.