ڊارون (ويب ڊيسڪ) ٽاپ اينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان شاهينز بنگلاديش اي کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
آسٽريلوي شهر ڊارون ۾ پاڪستان شاهينز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ياسر خان 62، خواجا نافع 61 ۽ عبدالصمد 56 رنسن جي اننگز کيڏي.
جواب ۾ بنگلاديش اي جي ٽيم 16.5 اوورن ۾ 148 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
پاڪستان شاهينز طرفان فيصل اڪرم ۽ سعد مسعود 3-3 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان شاهينز جو ٻيو مقابلو 16 آگسٽ تي پرٿ اسڪارچرز سان ٿيندو.
You might also like