مشهور انسٽاگرام انفلوئنسر مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انسٽاگرام تي 12 لک کان وڌيڪ فالوئر رکندڙ ۽ پاڻ کي بزنس وومين ۽ اداڪارا ظاهر ڪندڙ سنديپا ورڪ کي ڀارتي ايجنسي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ 40 ڪروڙ رپين جي مبينا مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو.
اهو ڪيس ڀارتي پنجاب جي موهالي ۾ داخل ايف آءِ آر سان جڙيل آهي، جنهن ۾ سنديپا تي الزام هو ته هن جعلي دعوائن ۽ غلط بياني سان ماڻهن کان رقم ورتي.
انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ موجب هوءَ hyboocare.com نالي ويب سائيٽ جي مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪندي هئي، جيڪا بيوٽي پراڊڪٽ کپائڻ جي دعويٰ ڪندي هئي پر حقيقت ۾ اهي شيون موجود ئي نه هيون ۽ ويب سائيٽ غير فعال هئي.
جاچ ۾ اهو به سامهون آيو ته سنديپا جو واسطو ريلائنس ڪيپٽل لميٽيڊ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر انگارائي نٽراجن سٿرامن سان به رهيو، جنهن تي ڪمپني جا فنڊ ذاتي استعمال لاءِ هڙپ ڪرڻ جو الزام آهي.
انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ دعويٰ ڪئي ته ڪروڙين رپين جو قرض ۽ رقم غير قانوني طريقي سان جاري ڪئي وئي ۽ ان مان وڏي رقم واپس نه ڪئي وئي.
ڇاپن دوران اهم دستاويز ۽ بيان رڪارڊ ڪيا ويا، سنديپا ورڪ کي 12 آگسٽ تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان کيس انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ جي تحويل ۾ موڪليو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.