اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ کي ڏسندي 16 آگسٽ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11.75 رپيا في ليٽر لاٿ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 32 پيسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب گاسليٽ 6.25 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 7.11 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like