ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم باني سان اسان جو ڪو واسطو ناهي، پاڪستان جي سياست ۾ هاڻ ايم ڪيو ايم باني جو ڪو ڪردار ناهي.
ڪراچي ۾ ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته اسان سنڌ کي پرامن بڻائي رهيا آهيون، گورنر هائوس جا در 24 ڪلاڪ سڀني لاءِ کليل آهن.
هن چيو ته اسان اهڙي سياست نه ڪئي جو شهر ۾ حالتون خراب ٿين، مون کي ايم ڪيو ايم باني جو نالو کڻڻ جي ضرورت ناهي، اسان اهڙي شخص سان گڏ ناهيون، جنهن 9 مئي واقعو ڪرايو، ان سان گڏ ناهيون جنهن پاڪستان خلاف نعرا هنيا.
سندس چوڻ هو مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سياست سان متحده باني جو ڪو واسطو ناهي، نه ايم ڪيو ايم باني ان کي قبول ڪري رهي آهي، اسان پاڪستان زندهه آباد جا نعرا هڻندڙن سان گڏ آهيون.
You might also like