ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ٽنهي هٿياربند فوجن جي عورت آفيسرن جي اميتاڀ بچن جي مشهور ڪوئز پروگرام ” ڪون بني گا ڪروڙ“ ۾ شرڪت تي وزيراعظم نريندر مودي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ سندس حڪومت تي فوج کي بدنام ڪرڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن.
پروگرام جي نئين سيزن جي ٽيزر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڀارتي فوج جي ڪرنل صوفيه قريشي، ڀارتي ايئر فورس جي ونگ ڪمانڊر ويوميڪا سنگهه ۽ ڀارتي بحريه جي ڪمانڊر پرنا ديوسٿلي، 15 آگسٽ تي نشر ٿيندڙ قسط ۾ شرڪت ڪنديون.
پرومو ۾ ٽنهي عورت آفيسرن کي باوردِي پروگرام ۾ ڏيکاريو ويو، جتي انهن اپريل ۽ مئي ۾ پاڪستان سان ڇڪتاڻ دوران ٿيل ”آپريشن سندور“بابت بي بنياد دعوائون ڪيون.
سوشل ميڊيا واهپيدارن به باوردِي شرڪت تي ڏمريل نظر آيا ۽ وزيراعظم مودي تي الزام هنيو ته هو فوج کي سياسي مقاصد لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي.
پروگرام جو ٽيزر سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارت ۾ بحث ڇڙي ويو ته ڇا حاضر سروس فوجي آفيسرن جو ورديءَ ۾ ڪوئز شو ۾ شرڪت ڪرڻ فوجي ضابطن موجب آهي يا نه.
ڪجهه واهپيدارن لکيو ته ڀارتيه جنتا پارٽي جي حڪومت ملڪ جي انهن قدرن کي به تباهه ڪري ڇڏيو جن تي ڀارتي واقعي فخر ڪندا هئا، جڏهن ته ڪجهه ان کي ”انتهائي شرمناڪ“ قرار ڏيندي چيو ته عورتن جي آڙ ۾ رڳو نمائشي ترقي پسندي ڏيکاري وئي.
ڪجهه ماڻهن نشاندهي ڪئي ته انهن آفيسرن جو آپريشن سان سڌي ريت ڪو واسطو نه هو، رڳو ٻين آفيسرن جا نوٽس ميڊيا آڏو پڙهيا هئا، ۽ مودي حڪومت تي الزام لڳايو ويو ته ’خيالي ڪاميابي‘ کي 90 ڏينهن کانپوءِ ٽي وي تي وڪرو ڪيو پيو وڃي.