ٽرينيڊاد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان، ويسٽ انڊيز هٿان شڪست جو ڪارڻ تڪڙيون وڪيٽون وڃائڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.
ويسٽ انڊيز، پاڪستان کي سيريز جي آخري ۽ فيصلائتي ون ڊي ۾ 202 رنسن تان شڪست ڏئي، 3 ميچن تي ٻڌل سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته شروعاتي 40 اوورن تائين ميچ اسان جي هٿ ۾ هئي، پر پوءِ ويسٽ انڊين بيٽرن شاندار بيٽنگ ڪئي.
ويسٽ انڊيز ٽِين ون ڊي ۾ شڪست ڏئي پاڪستان خلاف 34 سالن بعد سيريز کٽي ورتي.
رضوان چيو ته شاءِ هوپ شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته هدف جي پٺيان ڊوڙندي 3 وڪيٽون جلدي وڃڻ کانپوءِ اسان پاڻ کي سنڀالي نه سگهياسين، جيڊن سيئلز سڄي سيريز ۾ بهترين بالنگ ڪئي آهي.
پاڪستان ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هڪ ئي پِچ تي ٽين ميچ کيڏي رهيا هئاسين، آخري 10 اوورن ۾ ويسٽ انڊين بيٽرن تمام بهترين بيٽنگ ڪئي، چئي سگهون ٿا ته اسان وٽ پنجون بالر ناهي ، صائم ۽ سلمان 8، 8 اوور هلائين ٿا.
You might also like