اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 45 سال بعد سپريم ڪورٽ جا نوان رولز لاڳو ڪيا ويا، جيڪي 6 آگسٽ کان لاڳو ٿي ويا آهن.
سپريم ڪورٽ 1980 وارا قاعدا رد ڪندي ”سپريم ڪورٽ رولز 2025“ لاڳو ڪري ڇڏيا.
رد ڪيل قاعدن تحت ٻڌڻي هيٺ درخواستون ۽ اپيلون ساڳئي طريقيڪار موجب نبيريون وينديون، جڏهن ته نون ضابطن ۾ ڪنهن به شق تي عمل ڪرائڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي ته چيف جسٽس ڪميٽي جي سفارش تي حڪم جاري ڪري سگهندو.
نون قاعدن موجب فوجداري ۽ سڌي ريت ديواني اپيل داخل ڪرڻ جي مدي کي 30 ڏينهن کان وڌائي 60 ڏينهن ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف اپيل 14 ڏينهن اندر داخل ڪرڻ لازمي هوندي.
سپريم ڪورٽ فيصلن خلاف نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جي مدي کي 30 ڏينهن مقرر ڪيو آهي ۽ درخواست ڏيندڙ لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو آهي ته هو درخواست سان گڏ ٻي ڌر کي فوري نوٽيس ڏئي ۽ فيصلي يا حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپي جوڙي.
نين شاهدين جي صورت ۾ تصديق ٿيل دستاويز ۽ حلف نامو فراهم ڪرڻ لازمي هوندو پر غير سنجيده يا پريشان ڪندڙ درخواست تي وڪيل يا ڌر کان 25 هزار رپيا تائين خرچ وصول ڪري سگهجي ٿو.
قاعدن موجب نظرثاني واري درخواست اها ئي بئنچ ٻڌندي، جنهن فيصلو ڏنو هجي ۽ جيڪڏهن فيصلو لکندڙ جج رٽائر يا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ته بئنچ جا باقي جج اها درخواست ٻڌندا، جيل جي درخواستن تي ڪا به ڪورٽ فيس نه ورتي ويندي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي قاعدن جي تياري لاءِ جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي هئي، جنهن ۾ جسٽس عرفان سعادت خان، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي شامل هئا.
ڪميٽي ججن، سپريم ڪورٽ آفيس، بار ڪائونسلز ۽ وڪيل ايسوسيئيشنز کان به تجويزون طلب ڪيون هيون.
You might also like