سول سوسائٽي جو ملڪ کي قائد اعظم جي سوچ موجب مذهبي رواداري تحت هلائڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سول سوسائٽي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ رهندڙ غير مسلم آبادي جي قابل فردن کي ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ ٻين اهم رياستي ادارن جي مکيه عهدن ۾ مقرري  تي پابندي کي ختم ڪري ملڪ کي قائد اعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير جي روشني ۾ مذهبي رواداري جي تحت هلايو وڃي، رياست کي مذهب کان ڌار ڪيو وڃي، ملڪ ۾ مذهب جي بنياد تي اڪثريت ۽ اقليت جي ورهاست ختم ڪري آئين ۾ سڀني شهرين کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن، غير مسلم آبادي جي عبادتگاهن کي تحفظ ڏنو وڃي، عيسائين، هندن ۽ ٻين مذهبن، فرقن جي فردن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن ۽ عبادتگاهن کي باهيون ڏيندڙ وڳوڙين مٿان ڪيس داخل ڪري کين عبرتناڪ سزائون ڏئي، دنيا ۾ پاڪستان جو منفي تاثر ختم ڪيو وڃي، هندو برادري جي ننڍڙين نياڻين کي اغوا ڪري انهن جو مذهب تبديل ڪندڙ درگاهن جي مرشدن، مدرسن سربراهن ۽ انهن جي سهولت ڪارن کي قانون جي حڪمراني هيٺ آندو وڃي، ننڍڙي عمر جي شادي تي لاڳو پابندي کي زبردستي مذهب تبديل ڪندڙ نينگرين تي به لاڳو ڪري انهن جو نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ۽ سهولت ڪارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، پوليس سربراهن ۽ اهلڪارن، ججن ۽ وڪيلن جي به انساني حقن جي تربيت جا ڪلاس هلايا وڃن، نصاب مان مذهبي نفرتن وارا سبق، جملا ختم ڪري، غير مسلم شاگردياڻين ۽ شاگردن کي اسلاميات پڙهائڻ بدران انهن جي پنهنجي مذهب جي تعليم جا الڳ پيرڊ هلايا وڃن، پريا ڪماري سميت اغوا ٿيل هندو، عيسائي ننڍڙين ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو وڃي، مذهب تبديل ڪندڙ ڇوڪرين کي پنهنجي وارثن سان ملاقات ڪرائي کين سرڪاري تحفظ وارن ادارن ۾ رکيو وڃي ۽ کين پنهنجي مذهب طرف واپس اچڻ لاءِ رياستي سطح تي کين تحفظ ڏنو وڃي، اها ڳالهه ڪالهه 11 آگسٽ اقليتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان سول سوسائٽي ۽ هندو برادري جي ٻن ڌار ڌار ٿيل پروگرامن ۾ چئي وئي. جنهن ۾ هڪڙو پروگرام منارٽي حقن جي تنظيم طرفان شيما ڪرماني، عائشه ڌاريجو ، مهناز رحمان ،غزالا شفيق ،ممتاز رڏ، وڪيل سهيل رشيد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اقليتن جي حقن جي حفاظت لاءِ وائي ايم سي گرائونڊ روڊ کان وٺي آرٽ ڪائونسل چوراهو ۽ سنڌ اسيمبليءَ تائين هڪ مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ انساني حقن ۽ اقليتن جي حقن جي تنظيمن سان لاڳاپيل مردن، عورتن ۽ نوجوانن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شيما ڪرماني تقرير ڪندي چيو ته ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ واري آئين ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي ملڪ جو بنياد سيڪيولر بنيادن تي رکي رياست کي مذهب کان جدا ڪري ڇڏيو هو ۽ پر هن جي وفات بعد هن جي فڪر جي ابتڙ پاڪستان کي مذهبي رياست بڻايو ويو ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانونن کي مذهبي مت ڀيد ۾ ورهائي ملڪ ۾ غير مسلم آبادي جي ترقي جي رستن کي روڪي رياست جي اهم عهدن تي مقرر ٿيڻ کان روڪيو ويو، عائشه ڌاريجو چيو ته ملڪ جي آئين موجب ڪوبه غير مسلم صدر ،وزيراعظم ۽ رياست جي ٻين ادارن جو سربراهه نه ٿو ٿي سگهي، جيڪا ڳالهه 11 آگسٽ جي جناح جي تقرير ۽ فڪر سان بغاوت آهي، ملڪ اندر سمورن شهرين کي بنا ڪنهن مذهب ۽ فرقي جي برابري جي بنياد تي سمورا حق ڏنا وڃن، غزالا شفيق چيو ته عيسائين هندن سميت ڪنهن به غير مسلم آباديءَ جي عبادتگاهن ۽ فردن کي تحفظ حاصل نه آهي، نصاب مان مذهبي تعصب وارا سبق ۽ جملا هٽائي غير مسلم شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسلاميات جي ڪلاسن ۾ ويهارڻ بدران کين انهن جي مذهبي تعليم وارا پيرڊ هلايا وڃن. ان موقعي تي بنديا راڻي، ناصرا، زيرش ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي نئين سر تعمير لاءِ جناح جي فڪر تحت سمورن غير مسلم شهرين خلاف معاشري مان تعصب جو خاتمو آندو وڃي، انهن جي عبادتگاهن ۽ فردن مٿان حملا ڪندڙن کي قانون موجب سزائون ڏنيون وڃن. مارچ ۾ اهم ڪارناما ڏيندڙ غير مسلم شخصيتن جون تصويرون کنيون ويون ۽ گيت پيش ڪيا ويا. ٻئي پاسي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران هندو برادري، سول سوسائٽي ۽ سياسي اڳواڻن سنڌ ۾ نابالغ هندو ڇوڪرين جي اغوا ۽ مدرسن ۽ درگاهن جي سربراهن طرفان ننڍڙين ٻارڙين جي زبردستي مذهب جي تبديليءَ خلاف احتجاج ڪيو ويو. جنهن جي اڳواڻي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، ڪرم چند ڪوهستاني، وڪيل امان الله شيخ، ڊاڪٽر خالق جوڻيجو، الاهي بخش بڪڪ، ڊاڪٽر برما، جڳديش آهوجا، مظهر ميمڻ ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن تقريرون ڪندي چيو ته سنڌ ۾ مذهب جي بنياد تي نه ڪو اڪثريت ۾ نه اقليتن ۾ شامل آهي، اسان صرف سنڌي قوم آهيون، ملڪ ٺهڻ بعد مذهبي نفرت ۽ دهشتگردي جا جراثيم ٻين ملڪن ۽ صوبن مان آيل آهن، جن سنڌي سماج کي به بنياد پرستي جي گپ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته سموري دنيا ۾ غير مسلم نابالغ ڇوڪرين جي اغوا ۽ زبردستي مذهب جي تبديليءَ ڪري پاڪستان بدنام ٿي رهيو آهي، جنهن جي پويان پيرن جي ڪجهه درگاهن ۽ مدرسن جو هٿ آهي، جن کي رياست جي پٺڀرائي حاصل آهي.  هنن چيو ته سنڌ ۾ ننڍي عمر جي شاديءَ تي قانوني بندش پيل آهي، جيڪڏهن ڪو غير مسلم ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته پوليس انهن کي گرفتار ڪري ٿي پر 12,13 سالن جي هندو نياڻين جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ بعد ان جي شاديءَ خلاف سنڌ پوليس، ڪورٽ ۽ ٻيا ادارا خاموش رهن ٿا. هنن چيو ته سنڌ ۾ ننڍڙي عمر جي شاديءَ تي پابندي کي هندو ڇوڪرين جي شادين تي به لاڳو ڪيو وڃي، سنڌ پوليس جو سربراهه ۽ پوليس آفيسر هندن نياڻين جي اغوا، مذهب جي تبديليءَ ۽ ننڍي عمر جي ٿيندڙ شادين خلاف فوري طور قانوني قدم کڻڻ، پوليس، ججن ۽ جبري مذهب جي تبديلي ۽ شادين جي ڪيسن ۾ وڪيلن جي به انساني حقن جي تربيت ڪئي وڃي، وفاق جي طرفان هر شادي ۽ نڪاح لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ جي لازمي شرط کي هندو نياڻين جي شادين ۽ جبري مذهب جي تبديلي تي به سنڌ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، پريا ڪماري ، شهنيلا سميت سمورن هندو ڇوڪرين کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.