واٽس ايپ: هڪ ئي تصوير ۾ ڪيئي تصويرون گڏائڻ وارو فيچر پيش، استعمال ڪيئن ڪجي؟

ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس ايپ هڪ ئي تصوير ۾ ڪيئي تصويرن کي پوسٽر يا اسٽيڪرز جي طرز تي شيئر ڪرڻ جو نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو.
واٽس ايپ طرفان ان فيچر جي آزمائش فيبروري 2025ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي، جنهن کي ڪيترا مهينا آزمائڻ کان پوءِ هاڻي سڀني واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن سان واهپيدار هڪ ئي تصوير ۾ ڪيتريون ئي تصويرن گڏائي شيئر ڪري سگهندا.
فيچر تحت جڏهن واهپيدار پنهنجو اسٽيٽس يا اسٽوري ۾ تصويرون شيئر ڪرڻ چاهيندا ته کين ڪيترائي آپشن نظر ايندا.
اسٽيٽس شيئر ڪرڻ کانپوءِ صارف کي موسيقي، ٽيڪسٽ، وڊيو ۽ لي آئوٽ جا آپشن ملندا.
هڪ ئي تصوير ۾ ڪيئي تصويرن کي گڏائڻ لاءِ واهپيدارن کي ”لي آئوٽ“ آپشن چونڊڻو پوندو، جنهن کانپوءِ هو هڪ ئي فريم ۾ هڪ کان وڌيڪ تصويرون شامل ڪري سگهندا.
واٽس ايپ موجب، هڪ لي آئوٽ ۾ هڪ وقت ۾ وڌ ۾ وڌ 6 تصويرون شيئر ڪري سگهجن ٿيون.
واهپيدارن وٽ اهو اختيار به هوندو ته جيڪڏهن هو سڀني فريمز ۾ هڪ ئي تصوير رکڻ چاهين ته رکي سگهن ٿا.
هن فيچر ذريعي لي آئوٽ ٿيل تصويرون اسٽوري ۾ ننڍيون ۽ هڪ فريم جي صورت ۾ نظر اينديون.
في الحال ا آپشن 6 تصويرن تائين محدود آهي، پر اميد آهي ته مستقبل ۾ تصويرن جي حد وڌائي ويندي.
امڪان آهي ته تمام جلد ان فيچر تحت اسٽيٽس ۾ ڪيئي وڊيوز به فريم جي صورت ۾ شيئر ڪرڻ جو آپشن شامل ڪيو ويندو، پر ان بابت حتمي طور ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.