ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ ڪراچي طرفان انٽرميڊئيٽ سائنس پري ميڊيڪل گروپ جي سالياني امتحان 2025 جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين فقير محمد لاکو موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ پهريون ٽئي پوزيشنون شاگردياڻين حاصل ڪيون.
پهرين پوزيشن بحريا ڪاليج ڪار ساز جي فاطمه صديقي ڌيءُ محمد خالد (رول نمبر 520050) حاصل ڪئي، جنهن 1100 مان 1021 نمبر ۽ اي ون گريڊ حاصل ڪيو. ساڳئي ڪاليج جي منزا خان ڌيءُ مبشر حسن (رول نمبر 520062) 1016 نمبر ۽ اي ون گريڊ سان ٻي پوزيشن تي رهي، جڏهن ته ڪاليج آف ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز جي انوشا نويد ڌيءُ نويد سرور (رول نمبر 510892) 1015 نمبر ۽ اي ون گريڊ سان ٽين پوزيشن حاصل ڪئ.
امتحانن جي ناظم زرينا راشد موجب پري ميڊيڪل گروپ ۾ 28 هزار 259 اميدوارن داخلا حاصل ڪئي، جن مان 27 هزار 323 اميدوارن امتحان ۾ شريڪ ٿيا، جڏهن ته 15 هزار 572 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، ڪاميابي جي شرح 56.99 سيڪڙو رهي.
هن ٻڌايو ته ڪامياب شاگردن مان 1998 اي ون گريڊ، 3471 اي گريڊ، 4070 بي گريڊ، 4095 سي گريڊ، 1878 ڊي گريڊ ۽ 60 اِي گريڊ ماڻيو.
سندس چوڻ هو ته نتيجا بورڊ جي ويب سائيٽ www.biek.edu.pk تي اپ لوڊ ڪيا ويا آهن، جتي اميدوار پنهنجا نتيجا ڏسي سگهن ٿا.
You might also like