68 لک واٽس ايپ اڪائونٽ ڊليٽ، ميٽا واهپيدارن کي خبردار ڪري ڇڏيو

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ 2025ع جي پهرين ڇهه ماهي دوران دنيا ۾ فراڊ ۽ جعلسازي ۾ ملوث 68 لک اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اهي اڪائونٽ منظم ڏوهن وارن ٽولن جي قبضي هيٺ هئا، جيڪي مختلف ملڪن ۾ ماڻهن کي دوکو ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا هئا.
ميٽا موجب، اهي جعلي اڪائونٽ گهڻو ڪري ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن، جهڙوڪ ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ سرگرم اسڪيم سينٽرن سان واڳيل هئا.
ميٽا جي اعلان سان گڏ واٽس ايپ ۾ نوان حفاظتي فيچرز پڻ متعارف ڪرايا ويا آهن، جن ۾ هڪ فيچر اهو به شامل آهي ته جڏهن ڪو اوپرو ماڻهو ڪنهن واهپيدار کي گروپ چيٽ ۾ شامل ڪندو ته صارف کي فوري الرٽ نوٽيفڪيشن ملي ويندو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اِهو قدم ان وڌندڙ رجحان جي روڪٿام لاءِ کنيو ويو آهي، جنهن ۾ جعلساز واٽس ايپ اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ يا گروپ چيٽس ۾ جعلي سيڙپڪاري اسڪيمون هلائڻ شامل آهن.
ميٽا انڪشاف ڪيو ته ڪجهه اسڪيمرز هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) جا ٽولز استعمال ڪري متاثرن کي بيوقوف بڻائيندڙ پيغام تيار ڪيا.
رپورٽ موجب، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اختيارين ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته اهڙن شڪي پيغامن کان هوشيار رهن ۽ پنهنجن واٽس ايپ اڪائونٽن جي حفاظت لاءِ ٽو اسٽيپ ويريفڪيشن جهڙا سيڪيورٽي فيچرز ضرور فعال ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.