اسپين جي تاريخي ” قرطبه “ مسجد ۾ باهه لڳي وئي

قرطبه (ويب ڊيسڪ) اسپين جي شهر قرطبه ۾ تاريخي مسجد ”قرطبه“ ۾ باهه لڳي ويئي، جنهن تي فائر بريگيڊ فوري ڪارروائي ڪندي ضابطو آڻي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تاريخي عمارت ۾ باهه گذريل ڏينهن لڳي، باهه لڳڻ جي واقعن جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان پکڙجي ويون، جن کي وڏي انگ ۾ ماڻهن شيئر ڪيو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
شروعاتي اطلاعن موجب، فرش صاف ڪرڻ واري مشين ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي، جيڪا ويجهي علائقي تائين پکڙجي وئي.
فائر بريگيڊ جي عملي ترت ڪارروائي ڪندي باهه تي ضابطو آندو، ان دوران علائقي کي مڪمل طور خالي ڪرايو ويو.
باهه وسائڻ کانپوءِ به پوليس ۽ فائر بريگيڊ جو عملو سڄي رات واقعي واري هنڌ موجود رهيو ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري کي روڪي سگهجي.
قرطبه جي ميئر فائر فائٽرز جي وقتائتي ڪارروائي جي واکاڻ ڪندي چيو ته فوري قدم کڻڻ سبب ڪو به وڏو سانحو نه ٿيو.
ياد رهي ته تاريخي قرطبه مسجد هاڻي چرچ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ ان کي هاڻي ”مسجد ڪيٿيڊرل قرطبه“چيو ويندو آهي، هي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جو حصو پڻ آهي.
مقامي ميڊيا موجب، ڇنڇر جي ڏينهن تي تاريخي عمارت کي ٻيهر سياحن لاءِ کوليو ويو، جڏهن ته متاثر ٿيل حصو اڃا تائين بند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.