غزا تي قبضو نه پر حماس کان آزاد ڪرائي رهيا آهيون: اسرائيلي وزيراعظم

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته غزا تي قبضو نه پيا ڪيون پر ان کي حماس کان آزاد ڪرائڻ جو منصوبو بڻائي رهيا آهيون.
نيتن ياهو جو اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن گذريل ڏينهن اسرائيلي ڪابينا غزا تي ڪنٽرول جي تجويز جي منظوري ڏني هئي، جنهن تي ڪيترن ئي اولهه ملڪن اختلاف ظاهر ڪيو هو.
آسٽريليا، جرمني، اٽلي، نيوزيلينڊ ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ اسرائيل جي امڪاني فوجي ڪارروائي کي رد ڪندي ٻه رياتسي حل تي زور ڏنو هو، انهن ملڪن واضح ڪيو ته هو ان علائقي ۾ پائيدار امن لاءِ پرعزم آهن.
ٻئي طرف فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس اسرائيلي ڪابينا جي فيصلي کي جنگي ڏوهه قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي هئي. حماس جي ترجمان چيو ته اسرائيل کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، غزا تي قبضو ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو.
نيتن ياهو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته غزا کي هٿيارن کان پاڪ ڪري هڪ پرامن شهري انتظاميا قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ نه فلسطيني اٿارٽي، نه حماس ۽ نه ئي ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي شامل ڪيو ويندو، اهو قدم اسرائيلي يرغمالين جي آزادي ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.