ٽرينيڊاڊ (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ون ڊي ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ماڻيندڙ نوجوان بيٽر حسن نواز چيو آهي ته سندس خواهش هئي ته پنهنجي ڊيبيو ميچ کي يادگار بڻائي.
ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ”هي منهنجي ڊيبيو ميچ هئي ۽ خواهش هئي ته پليئر آف دي ميچ بڻجي ان کي يادگار بڻايان.“
هن چيو ته ڪپتان محمد رضوان بيٽنگ دوران بار بار ياد ڏياريندو رهيو ته ”تنهنجي ڊيبيو ميچ آهي ۽ ميچ ختم ڪرڻي آهي.“
حسن نواز موجب, کيس پاڻ تي اعتماد هو ته هو هٽنگ ڪري سگهي ٿو، پي ايس ايل ۾ ميچون فنش ڪرڻ جو تجربو هتي ڪم آيو.
نوجوان بيٽر وڌيڪ ٻڌايو ته برسات سبب بال گرپ ٿي رهيو هو، تنهنڪري ٿورو وقت ورتو.
سندس چوڻ هو ته حسين طلعت سان حڪمت عملي ٺاهي ته ڀائيواري قائم رکڻي آهي، ڇو ته جيڪڏهن آخر تائين وينداسين ته سولائي سان ميچ کٽي سگهنداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هو علائقائي ڪرڪيٽ ۾ به اهڙين ڏکين پچن تي کيڏي چڪو آهي، جڏهن ته بابر اعظم، محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا وٽان گهڻو ڪجهه سکيو، شاهين آفريدي ۽ نسيم شاهه زبردست بالنگ ڪئي.
You might also like