اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو کاتي ۾ حاضر سروس ميجر جنرل کي ايڊشنل سيڪريٽري طور مقرري لاءِ رستو صاف ٿي ويو ، بچاءَ واري وزارت گهرو کاتي ۾ ايڊشنل سيڪريٽري جي حيثيت سان ميجر جنرل نور ولي خان جو نالو موڪلي ڇڏيو.
سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي آهي ته بچاءَ واري وزارت وفاقي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي خط جي جواب ۾ گهرو کاتي لاءِ ايڊشنل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ ميجر جنرل نور ولي خان جو نالو موڪليو آهي.
ذريعن موجب، بچاءَ واري وزارت پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته فيلڊ مارشل گهرو کاتي ۾ ايڊشنل سيڪريٽري لاءِ ميجر جنرل نور ولي خان جي سفارش ڪئي آهي.
ان کانسواءِ بچاءَ واري وزارت ميجر جنرل نور ولي خان جي گهرو کاتي ۾ ايڊشنل سيڪريٽري طور مقرر لاءِ لاڳاپيل اختيارين جي منظوري ۽ اين او سي جي درخواست پڻ ڪئي آهي ته جيئن منظوري کانپوءِ دفاع واري وزارت طرفان ميجر جنرل جو باضابطا سڪنڊمينٽ آرڊر جاري ڪري سگهجي.