نيتن ياهو جو آپريشن سندور دوران ڀارت سان سهڪار جو اعتراف

نئين دهلي/يروشلم (م ڊ) اسرائيل وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو تصديق ڪئي ته آپريشن سندور دوران هن ڀارت سان سهڪار ڪيو. سوشل ميڊيا تي نيتن ياهو ٻڌايو ته هن يروشلم ۾ اسرائيل ۾ ڀارتي سفير جي پي سنگهه سان ملاقات ڪئي، سڪيورٽي ۽ م عيشت جي شعبن ۾ اسرائيل ۽ ڀارت وچ ۾ سهڪار مضبوط ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته مان ڀارت مان آيل صحافين جي گروپ سان به ملاقات ڪئي ۽ سوالن جا جواب ڏنا. ڀارتي ٽي وي موجب، نيتن ياهو تصديق ڪئي ته مئي ۾ ڀارتي فوجي حملي دوران اسرائيلي هٿيار استعمال ڪيا ويا، گڏيل طور تي تيار ڪيل هارپي ڊرون ۽ باراڪ 8 ميزائل به استعمال ڪيا ويا. جيڪي شيون اسان اڳ ڏنيون هيون، اهي ميدان ۾ اثرائتيون ثابت ٿيون، اسان هٿيار جنگ لاءِ تيار ڪندا آهيون ۽ انهن کي آزمائيندا آهيون. ڀارتي ٽي وي موجب، اسرائيل آپريشن سندور جي حمايت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.