سرڪاري طور علاج رڳو 38 سيڪڙو آبادي لاءِ،47 سيڪڙو ذاتي خرچ تي مجبور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 47 سيڪڙو آبادي صحت ۽ علاج تي ذاتي خرچ ڪندي آهي، جيڪا شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي۔ پاڪستان ۾ رڳو 38 سيڪڙو صحت جا خرچ سرڪاري سطح تي ادا ٿين ٿا، جيڪا شرح ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن کان ڪافي گهٽ آهي. ان جي ڀيٽ ۾  جرمني ۾ 80 سيڪڙو،  ڪينيڊا 71 سيڪڙو، انڊونيشيا 52 سيڪڙو، چين 55 سيڪڙو، ملائيشيا 50 سيڪڙو، سري لنڪا 40 سيڪڙو ۽  ڀارت 39 سيڪڙو صحت تي سرڪاري خرچ ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي لاءِ مجموعي جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو به فنڊ مقرر نٿو ڪيو وڃي.سال 2023-24 دوران پاڪستان جي مختلف حڪومتن صحت تي هيئن خرچ ڪيو. وفاقي سطح: 35 ارب 89 ڪروڙ رپيا. پنجاب: 450 ارب 61 ڪروڙ رپيا، سنڌ ۾ 204 ارب 63 ڪروڙ رپيا، خيبرپختونخوا 122 ارب 34 ڪروڙ رپيا،  بلوچستان: 29 ارب 69 ڪروڙ رپيا، مجموعي طور تي، سڄي ملڪ ۾ صحت جي شعبي تي 843 ارب 18 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.