پاڪستان مان 2 هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ،لسٽون تيار؟

لاهور(گوهر بٽ)پاڪستان ۾ 2 هزار ارب رپين جي ڪرپشن جو پڙاڏو،لسٽون ٺهڻ لڳيون،پ پ جو موڊ خراب ٿي ويو؟ملڪ ۾ هلندڙ ننڍا ننڍا سين ڪنهن”وڏي فلم“ جو ”ٽريلر“ آهن،ڪجهه عرصي کان صدر آصف علي زرداري کي تبديل ڪرڻ جون خبرون ميڊيا جو زينت بڻيون پر پوءِ گهرو وزير محسن نقوي ۽ ٻين ان جي ترديد ڪري ڇڏي،آرمي چيف جي صدر بڻجڻ جي به آءِ ايس پي آر سربراهه پاران ترديد اچي وئي،سين نمبر ٻيو اهو آهي ته ملڪ رياض رڳڙي ۾ آهي،اهو تاثر عام آهي ته ملڪ رياض صدر آصف علي زرداري جي تمام ويجهو آهي،ڪراچي جي زمينن تي قبضا ڪري ملڪ رياض هزارين ارب رپيا ڪمايا آهن،اهو ڪم هن پ پ حڪومت جي هوندي ڪيو،سين نمبر چار اهو آهي ته 27هين ترميم اچي رهي آهي،اپوزيشن سان ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن،ان تي پ پ اهو هُل شروع ڪري ڇڏيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ هر پنجين سال ڏيڻو هوندو آهي،15 سالن ۾ نئون اين ايف سي ايوارڊ ڪٿي آهي؟رضا رباني آمريڪا سان ڊيل تي اعتراض واري رهيو آهي،هن جي پريس ڪانفرنس کي هلڪو نه وٺڻ گهرجي، ٻئي پاسي سينئر صحافي محمد مالڪ جي رپورٽ موجب 2 هزار ارب رپيا پاڪستان کان ٻاهر ويا آهن ان جي جاچ شروع ٿي وئي آهي،لسٽن ۾ سياستدان،ٺيڪيدار،ڪامورا،اڳوڻا جنرل ۽ ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ شخصيتون شامل آهن، پ پ اهو سمجهي ٿي ته ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ۽ ٻه هزار ارب رپيا ٻاهرين ملڪ مني لانڊرنگ ذريعي موڪلڻ جي خبر هلائي اسان کي سوڙهو ڪيو پيو وڃي،ذريعن موجب جون جولاءِ ۾ هڪ اهم شخصيت اهم اجلاس ڪيا جنهن ٻڌايو ويو ته گذريل ٻن ٽن سالن ۾ 2 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي،خاص طور پارليامينٽ ميمبرن کي ملندڙ فنڊن ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي،اهو به انڪشاف ٿيو ته ڪجهه ادارن جا ماڻهو به ان ۾ شريڪ آهن،پهرين 500 ڪيسن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، ته جيئن پنج سئو ارب رپين جي ريڪوري جي شروعات ڪري سگهجي،ان معاملي جي حوالي سان فيٽف سيل به متحرڪ ٿي ويو آهي،ٻه کان ٽي ليول تي ان تي ڪم ٿي رهيو آهي،امڪاني 27هين ترميم کان اڳ ڪرپشن خلاف نئون ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ وارو آهي، تازي سينيٽ چونڊ تي به جاچ شروع ٿي وئي آهي،ايجنسين کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جاچ ڪريو ته ڪيترا پئسا کاٻي ساڄي پاسي ويا؟محمد مالڪ ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جي معاملي تي به سنجيدگي سان غور ڪيو پيو وڃي، هڪ اداري جي رپورٽ موجب ڪاموراشاهي جو هڪ حصو ايس آءِ ايف سي جا منصوبا ناڪام ڪرڻ چاهي ٿو،اهڙن ڪامورن جون لسٽون تيار ٿي رهيون آهن

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز جمعو08 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.