نوازشريف هڪ حد تائين هائبرڊ نظام جو بار برداشت ڪندو؟

لاهور(امداد سومرو)ڇا ملڪ ۾ جمهوريت جو بسترو گول ٿي رهيو آهي؟ملڪ ۾ بي يقيني واري صورتحال آهي،نوازشريف جي ويجهن ساٿين جو موقف آهي ته هو ريڊ لائن پار نه ڪندو،هڪ حد تائين هائبرڊ نظام کي برداشت ڪندو،جڏهن کيس لڳو ته هائبرڊ نظام وسعت اختيار ڪري پيو،سويلين جا اختيار وڌيڪ گهٽ ڪيا پيا وڃن ته پوءِ نوازشريف شهبازشريف کي اسيمبليون ٽوڙي اقتدار ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏيندو،نوازشريف جا ويجها ساٿي اهڙا بيان ڇو پيا جاري ڪن؟ بلاول سان ملاقات کانپوءِ رضا رباني تيل،معدنيات،ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي جذباتي پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي؟ڪٿي نه ڪٿي ته کچڙي تيار ٿي رهي آهي،خواجا آصف اهڙا بيان پيو ڏئي ڄڻ هن جو حڪومت تي ڪو اختيار ئي نه هجي،خواجا آصف جي ڳالهه درست آهي ته اسان جا ڪامورا ڪرپشن ڪري پئسو ٻاهرين ملڪ موڪلي اتي منتقل ٿي رهيا آهن،ججن جا گهرڀاتي به ٻاهرين ملڪ رهن ٿا،ليگي اڳواڻ سعد رفيق به احمد فراز جا شاعري وارا ٽوئيٽ ڪري ڪنهن طوفان جو اشارو ڪري رهيو آهي،ٻئي پاسي عمران خان به آل پارٽيز ڪانفرنس جي پڌرائي تي خوش آهي جنهن ۾ قومي سطح تي ڊائلاگ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي،هائبرڊ نظام ۾ سمورا اختيار پارليامينٽ ۽  ايوان وزيراعظم مان منتقل ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،جڏهن ته ڪئنالن جي اشو تي سڀني کي خبر آهي ته اهو وفاق يا پنجاب نه پر طاقتورن جي رٿا هئي پر پ پ قوم پرستن سان گڏجي دٻاءُ وجهي ان رٿا کي ختم ڪرائي ڇڏيو جنهن بعد خبرون هلايون ويون ته صدر زرداري ايوان صدر تي بار آهي،پر حقيقت اها آهي ته ماڻهو هن نظام مان خوش ناهن،گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي احتجاج ۾ سنڌ پنجاب،اسلام آباد ۾ ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪتا،خوف جي ڊگهي عمر ناهي هوندي،اين ايف سي ايوارڊ ۾ امڪاني تبديلي خلاف ٿي سگهي ٿو ته ن ليگ پ پ جو ساٿ ڏئي ڇو ته ان ايوارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پنجاب کي ٿي رهيو آهي،اتي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن،سياسي قوتون گڏ ٿيون ته پوءِ ڪو نئون ”ايڊونچر“ نه ٿي سگهندو،

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز جمعو08 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.