آمريڪا جي پاڪستان آمد سان چين جا مفاد متاثر ٿيندا:عائشه صديقه

نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري ليکڪه عائشه صديقه چيو آهي ته آمريڪا تائين ويندڙ رستو وڏو خاردار آهي،افغانستان ۾ هن وقت چين جي دلچسپي آهي،توهان معدنيات لاءِ جن علائقن ۾ آمريڪا کي وٺي اچڻ چاهيو ٿا اتي چين جا مفاد آهن،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته چين جا به ان پاليسي تي خدشا هوندا،شي جن پنگ جي عادت اها آهي ته اهو توهان جي منهن تي چماٽ ناهي وهائيندو،ٽرمپ جو اهو مزاج ناهي،هن سان لاڳاپن ۾ توهان کي احتياط ڪرڻو پوندو،ارڙهين ترميم کان پوءِ وفاق وٽ پئسا ناهن،اسٽيبلشمينٽ هن وقت آصف علي زرداري تي پريشر وڌو آهي،عاصم منير وٽ جيترا اختيار آهن ان موقعي تي هو صدر بڻجي طاقتور نٿو ٿي سگهي،سويلين مارشل لا تي اڳ ئي لاڳو آهي،عاصم منير ٻن سالن تائين ته هوندو،ٿي سگهي ٿو ته وزيراعظم تبديل ٿي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز جمعو08 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.