اسلام آباد(عمران شفقت)وفاقي وزير دفاع خواجا آصف ٽوئيٽ ۾ جنهن آفيسر جو ذڪر ڪيو اهو عثمان بوزدار جو سيڪريٽري هو جنهن جي ڌيءُ جي شادي ۾ چار ارب رپين جي سلامي ڏني وئي،ان ٽوئيٽ کان پوءِ زبير علي خان ٽوئيٽ ڪئي ته خواجا آصف استعيفيٰ ڏئي آهي،اينٽي ڪرپشن پاران ڪرپشن الزام هيٺ سيالڪوٽ جي اي ڊي سي آر جي گرفتاري تي تڪرار وڌي ويو،خواجا آصف استعيفيٰ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي،خواجا آصف وزيراعظم آفيس جي مشير ڊاڪٽر توقير ساهه کي موڪليل استعيفيٰ ۾ چيو ته اي ڊي سي آر کي آزاد ڪرايو يا استعيفيٰ منظور ڪريو، معاملو وزيراعظم کان به ڳرو ٿي ويو،ڳالهه نوازشريف تائين پهتي،خواجا آصف کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جو چيو ويو پر اطلاع آهن ته خواجا آصف پنهنجو فون بند ڪري ڪنهن گمنام هنڌ تي هليو ويو آهي،پر خواجا آصف جڏهن ميدان تي آيو ته هن همراهه ان خبر جي ترديد ڪئي،پر ان اطلاع ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ تائين حقيقت آهي