ڪرپشن سبب خراب حڪمراني آهي:طاقتور حلقا،”گورننس بهانو،ارڙهين ترميم نشانو“ :سياستدان

لاهور/اسلام آباد(عمران شفقت)فيلڊ مارشل عاصم منير هڪ ٻيو آمريڪا جو دورو ڪرڻ وارو آهي، ملڪ جي سياسي پارٽين جي اهم اڳواڻن کي خدشا ٿي ويا،ڪجهه اڳواڻ ته وڏي آواز سان اعتراض اٿاري رهيا آهن ڪجهه اڳواڻ اڻ سڌي ريت اندر خدشا پيا ظاهر پيا ڪن،بيچيني عروج تي آهي،اقتداري راهدارين ۾ بيچيني عروج تي آهي،وڏين ويهڪن ۽ وڏن سياسي اڳواڻن جي رات جي محفلن ۾ انهن خدشن تي ڳالهايو پيو وڃي،ڪجهه اڳواڻ ”رمزيه ،صوفياڻا،طريقت وارو ڪلام“ پيش ڪري رهيا آهن،سياسي تجزئي نگار سوال ڪري رهيا آهن ته هي خوف ڇا لاءِ آهي؟ ڇا پي ٽي آءِ سميت سموريون سياسي جماعتون هڪ ٽرڪ تي سوار ٿي ڪا تحريڪ شروع ڪرڻ واريون آهن؟ ملڪ رياض جي معاملي ۾ پهرين وفاقي حڪومت هٿ نه وجهي رهي هئي،ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون خلاف جاچ شروع ڪرائيندڙ طاقتورن جو اهو موقف آهي ته اهو معاملو ڪرپشن جو آهي،ڪرپشن جي ڪري ئي ملڪ جي گورننس ٺيڪ ناهي،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملڪ رياض کي بچائڻ لاءِ وڏا هٿ پير هنيا، صدر مملڪت آصف علي زرداري،هڪ وڏي ڳجهي ايجنسي جي سربراهه،وزيراعظم شهبازشريف جي پٽن، به ملڪ رياض تي هٿ هلڪو رکڻ لاءِ لابنگ ڪئي،اسٽيبلشمينٽ گذريل ٻن ٽن سالن کان ملڪ رياض سان مهاڏو اٽڪائي ويٺل آهي،هيل تائين ملڪ رياض رڳو ان ڪري بچيو پيو هو ڇو ته ”سسٽم“ ۾ شامل ماڻهو سرگرم رهيا پر سندن ڪوششون رائيگان ويون،اسٽيبلشمينٽ جي اهم شخصيت جي حوالي سان اهو موقف آيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۾ شامل ماڻهو ڪرپشن ڪندا ته پوءِ گورننس تي سمجهوتو ٿي وڃي ٿو،گورننس ايستائين ٺيڪ نه ٿيندي جيستائين حڪمرانن کان ڪرپشن پري نٿي ٿئي،تازو 300ارب رپين کان وڌيڪ جي کنڊ اسڪينڊل ۾ به سمورا حڪمران خاندان ملوث آهن،ڪرپشن ۽ ملڪ رياض جي معاملي ۾ ن ليگ جو ايترو عمل دخل ناهي جيترو پ پ جو آهي،ٻئي پاسي تازو ن ليگ جي سربراهه ميان نوازشريف مري جي پهاڙين ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ اهو چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جڏهن آمريڪا سان سڌو لاڳاپن ۾ اچي ويندي آهي ته  اسان سان ”وڏو ڪجهه “ ٿي ويندو آهي،ماضي ۾ ايوب خان آمريڪا کان ڀڍبير جا اڏا آمريڪا حوالي ڪيا،ضيا الحق جي دور ۾ افغان جهاد شروع ڪيو ويو،پوءِ مشرف هڪ ٽيليفون ڪال تي ئي انهن ئي مجاهدن کي دهشت گرد قرار ڏئي آمريڪا آڏو ڍير ٿي ويو،هاڻي وري سياستدانن کي کٽڪو اچي ٿيو آهي ته اسان تي ٽرمپ جون هي ”عنايتون،محبتون“ ڪهڙي کاتي ۾ آهن؟ان سلسلي ۾ هڪ امڪان اهو به هو ته نوازشريف وزيراعظم وزيراعظم بڻجي ان سموري منصوبي ۾ رڪاوٽ بڻجي ويهي رهي،ٻئي پاسي پيپلزپارٽي اهو سمجهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ کي ارڙهين ترميم پهرين ڏينهن کان اکين نٿي وڻي،هڪ اهم شخصيت ٻڌايو ته صوبن جي تيل،گئس،معدنيات ۽ ٻين وسيلن تي وفاق جو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ 27کانپوءِ 28هين ترميم به اچي سگهي ٿي،وفاق ڪمزور ٿي چڪو آهي،صوبا عياشين ۾ آهن پر اهي وفاق کان ملندڙ فنڊ ضلعن تي خرچ ئي نٿا ڪن،ڪجهه پ پ اڳواڻ اهو مهڻو هڻي رهيا آهن ته ”گورننس بهانو آهي،ارڙهين ترميم نشانو آهي“اهي اهو به چون پيا ته گورننس جي نالي تي ملڪ رياض خلاف نه پر ارڙهين ترميم خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي،تازو پ پ اڳواڻ رضا رباني ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي جي حق ۾ پريس ڪانفرنس کان اڳ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي،پ پ ڄاڻي واڻي ان ملاقات جي تصوير شايع ڪئي،جڏهن ته هن وقت پاڪستان جي سياسي ڪلاس اهو سمجهي ٿي ته ”ڪجهه وڏو“ ٿيڻ وارو آهي،ارڙهين ترميم ختم ٿيڻ واري آهي،آمريڪا پاڪستان جي معدنيات تي نظرون رکي ويٺل آهي،ان معدنيات تي آمريڪا جي پهچ ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿي جڏهن ته وفاق جو ان تي مڪمل ڪنٽرول هوندو،آصف زرداري ۽ نوازشريف جا ويجها حلقا سمجهن ٿا ته صوبن جي آئيني پوزيشن ڪمزور ڪئي پئي وڃي،دستور جي محافظن کي ڪرپٽ قرار ٻئي پاسي  پاڪستان حڪومت ملڪ رياض ڪيس جو ذمو کڻي ورتو آهي. اطلاعات واري وزير عطا تارڙ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي. پيغام مان ائين لڳي ٿو ته معاملو سنجيده ٿي ويو آهي. ان وڊيو بيان ذريعي ملڪ رياض خلاف جاري جاچ جو ذمو کنيو ويو آهي. ان کان اڳ اهو تاثر ڏنو ويو هو ته ملڪ رياض جي ٽوئيٽ ۾ حڪومت ۽ آرمي چيف خلاف اعلان جنگ ڪيو ويو آهي، ڇو ته ملڪ رياض کي ملڪي نظام بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هو. ملڪ رياض جو هر هنڌ سٺو واسطو هو، سندن رابطا سٺا هئا، پيپلزپارٽي اهو سمجهي ٿي ته اها ملڪ رياض خلاف ڪارروائي ناهي ٿي رهي، اها پيپلزپارٽي کي پاڪستان جي نظام مان بيدخل ڪرڻ جي تياري آهي. پيپلزپارٽي جو اهو خدشو درست نه هوندو پر کين ائين لڳي ٿو. ن ليگ به ان تي ڊگهو وقت نه ڳالهايو هو، پر تاثر هو ته ملڪ رياض جو جهيڙو آرمي چيف سان آهي ڇو ته هو عمران خان خلاف گواهي نه ڏئي رهيو هو، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن جي چوڻ تي اهو بيان ڏياريو ويو آهي. ان کان اڳ حڪومت لاتعلق بڻيل هئي. وزيراعظم هائوس کي ڪنهن پيغام ڏنو آهي ته هي اوهان جي حڪومت آهي، ادارا اوهان جي ماتحت ڪم ڪن ٿا، ڪارروائي ايف آءِ اي ڪري رهي آهي جي گهرو وزارت جي ماتحت اچي ٿي. گهرو وزير اوهان جي ڪابينا جو ميمبر آهي. ٻيو معاملو کنڊ جو آهي، بحريا ٽائون معاملي کان اڳ حڪومت کنڊ معاملي تي گهڻو سنجيده ٿي هئي. ٻنهي معاملن کي ڏسجي ٻنهي پٺيان هڪ دٻاءُ گورننس جو آهي، گورننس ۾ سياسي پارٽيون، پيپلزپارٽي، ن ليگ يا تحريڪ انصاف هجي، انهن سڀني جون کنڊ اسڪينڊل ۾ ڪڙيون ملن ٿيون. موجوده حڪومت کي ان شئي جو احساس آهي. ڪنهن کي فارغ ڪرڻو آهي ته کنڊ اسڪينڊل يا ملڪ رياض ڪيس آهن. کنڊ اسڪينڊل ۾ حڪومتي ماڻهو، ملڪ رياض واري ڪيس ۾ جج جرنيل ۽ بيوروڪريٽ به شامل آهن، رٽائرڊ جرنيلن خلاف به انڪوائري هلي رهي آهي، حاضر سروس خلاف به ٿي سگهي ٿي. اها هڪ چارج شيٽ آهي. وفاقي وزير قيصر شيخ هڪ پروگرام ۾ اعتراف ڪيو ته بيوروڪريسي اسان سان ڪوڙ هنيو ته کنڊ سرپلس آهي، شهباز شريف بيڏوهي آهي، هن نيڪ نيتي سان برآمد جي اجازت ڏني هئي. اسان ذميوار آهيون، اسان غلطي مڃون ٿا. ٻئي ڪيس جمهوري قوتن، سياسي پارٽين خلاف چارج شيٽ آهن. اڄ نه ته سڀاڻي لاڳو ڪئي ويندي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز جمعو08 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.