اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پرتگال ۾ پاڪستاني بيوروڪريٽس جي وڏي سطح تي سيڙپڪاري جو معاملو سنگين شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ناليواري وڪيل ۽ سياسي تجزئي نگار شير افضل مروت دعويٰ ڪئي آهي ته خواجا آصف جو اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته پرتگال ۾ پاڪستانين جي، خاص طور بيوروڪريٽس طرفان وڏي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ ان جي گڏيل جاچ ٿيڻ گهرجي.
شير افضل مروت موجب انهن بيوروڪريٽس ۾ هڪ اڳوڻو آءِ جي پوليس به شامل آهي، جنهن مبينا طور تي يورپ جي مشهور ملڪ پرتگال ۾ فارم هائوس خريد ڪيو.
مروت وڌيڪ چيو ته پرتگال ۾ جيڪي فارم هائوس خريد ڪيا پيا وڃن، اهي ايترا منافعي بخش آهن جو انهن تي ڪيل سيڙپڪاري ٻن کان اڍائي سالن اندر واپس اچي ويندي آهي، اها بيوروڪريسي گذريل ٽن سالن ۾ ئي اربين رپيا ڪمائي چڪي آهي ۽ ان جا تفصيل سامهون آڻڻ اڻٽر ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ”گولڊن ويزا“ اسڪيم تحت پرتگال ۾ پرڏيهين، خاص طور ايشيائي سيڙپڪارن طرفان ريئل اسٽيٽ، ريزيڊنشل ولاز ۽ فارم هائوسز ۾ وڏي پيماني تي سيڙپڪاري ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستاني سيڙپڪار به شامل آهن، پر پرتگال جي حڪومت ويجهن سالن ۾ ”گولڊن ويزا“ ۾ ريئل اسٽيٽ جو آپشن ختم ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن مقامي شهري ملڪيت جي کوٽ کي منهن نه ڏين.
پر پاڪستاني بيوروڪريٽس طرفان سيڙپڪاري جو سلسلو ماضي ۾ جاري رهيو ۽ خدشو آهي ته ڪيترن ئي آفيسرن ڪرپشن ذريعي حاصل ڪيل ناڻو ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري اتي اثاثا ٺاهيا.
ميڊيا ۾ اهڙا اطلاع به گردش ڪري رهيا آهن ته پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي جي ڪجهه اڳوڻن اهلڪارن به انويسٽمينٽ ذريعي پرتگالي شهريت حاصل ڪئي يا درخواست ڏني.
اهو معاملو هاڻ رڳو سياسي بيانن تائين محدود ناهي رهيو. سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ ڪجهه پارلياماني ميمبرن طرفان به مطالبو ڪيو پيو وڃي ته انهن آفيسرن جا نالا منظر تي آندا وڃن، جن پنهنجي اختيارين جو ناجائز فائدو کڻي قومي ناڻي کي ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪيو.
جيڪڏهن حڪومت ان معاملي جي شفاف جاچ نه ڪئي ته پاناما جهڙو هڪ ٻيو اسڪينڊل جنم وٺي سگهي ٿو.
You might also like