اولمپڪس 2028:پاڪستان ڪرڪيٽ مقابلن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو پر ڪيئن؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) اٽڪل 128 ورهين کانپوءِ ڪرڪيٽ جي اولپمڪس واپسي ٿي رهي آهي، آخري ڀيرو 1900ع جي پئريس اولمپڪس شامل ٿيندڙ ڪرڪيٽ کي هڪ ڀيرو وري 2028 ۾ ٿيندڙ لاس اينجلس اولمپڪس مقابلن شامل ڪيو ويو آهي.
ايل اي اولمپڪس جي تنظيم ڪميٽي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ مقابلن کي پهرين جولاءِ کان 29 جولاءِ تائين ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ هر ڪيٽيگري ۾ ڇهه ٽيمون حصو وٺنديون.
لاس اينجلس اولمپڪس ۾ ٽيمون علائقائي بنيادن تي ڪواليفاءِ ڪنديون، جن ۾ ڀارت (ايشيا) ۽ آسٽريليا (اوشيانا) پنهنجي رينڪنگ جي بنياد تي سڌيءَ ريت اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وينديون ، جڏهن ته ٻين ممڪن ٽيمن ۾ برطانيا، ڏکڻ آفريڪا ۽ ميزبان آمريڪا شامل آهن.
ڇهين ۽ آخري ٽيم لاءِ مختلف ملڪن ۾ مقابلو ٿيندو، جنهن ۾ ڪيريبين ملڪن يا ڪنهن ٻي ايشيائي ٽيم جو امڪان آهي.
موجوده ڪواليفڪيشن معيار جي ڪري پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي اولمپڪس ۾ شرڪت جا امڪان خطري ۾ پئجي ويا آهن، ان باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پنهنجي جاءِ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي ذريعن موجب، هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۽ ايل اي گيمز ڪميٽي کي خط لکيو ويندو ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال اڳ واضح ڪواليفڪيشن جي تاريخ مقرر ڪئي وڃي.
اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف به پي سي بي کي صلاح ڏني آهي ته هو انهن ادارن سان رابطو ڪري ۽ سفارش ڪري ته مارچ 2028 ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي نتيجن کي ڪواليفڪيشن معيار بڻايو وڃي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ پاڪستان هن وقت اٺين نمبر تي آهي ۽ ايندڙ ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي ذريعي ٽيم پنهنجي پوزيشن بهتر ڪري ڪري تاريخي موقعي مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.