شوبز جا ڪارا پاسا، مک ڪردار جي بدلي …، اداڪارا حفصا جو انڪشاف

پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل حفصا بٽ شوبز انڊسٽري ۾ پيش ايندڙ حراسان ڪندڙ روين جي انڪشاف سان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي.

تازو ئي ڏنل هڪ انٽرويو دوران حفصا بٽ پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش آيل هڪ اڻوڻندڙ واقعي بابت پردو کڻندي ٻڌايو ته کيس به "ڪاسٽنگ ڪائوچ” جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو. هن ٻڌايو ته هڪ پروڊيوسر کيس مرڪزي ڪردار جي آڇ جي بدلي ذاتي فائدي جي ڳالهه ڪئي.

حفصا جي چوڻ موجب پروڊيوسر کيس وائيس نوٽ موڪلي پڇيو ته ڇا هن ڪڏهن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ۽ جڏهن هن انڪار ڪيو ته پروڊيوسر چيو ته جيڪڏهن کيس مرڪزي ڪردار ڏنو وڃي، ته ان مان پروڊيوسر لاءِ به ڪو فائدو هجڻ گهرجي. جڏهن حفصا وضاحت گهري ته کيس هڪ غير مناسب پيغام موصول ٿيو، جنهن کانپوءِ هن ان شخص کي فوري طور تي بلاڪ ڪري ڇڏيو.

اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته ٻئي ڏينهن تي کيس ڪنهن ٻي نمبر تان فون آئي، جنهن ۾ ساڳئي پروڊيوسر وضاحت ڏني ته اها ڳالهه هن لاءِ نه هئي. جڏهن حفصا اهو واقعو پنهنجي هڪ ساٿي اداڪارا سان شيئر ڪيو ته ان چيو ته "شوبز ۾ اهڙيون شيون عام سمجهيون وڃن ٿيون.”

حفصا بٽ جو چوڻ هو ته ڪجهه سالن کانپوءِ ان پروڊيوسر سان ٻيهر ملاقات ٿي، جيڪا هڪ عام ملاقات هئي، پر اهو واقعو هن لاءِ تمام ڊيڄاريندڙ تجربو رهيو، جيڪو کيس اڄ به ياد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.