انسٽاگرام جي نون فيچرن سبب واهپيدار پريشان، هاڻي فالوورز لائيڪ ڪيل ريل ڏسي سگهندا

انسٽاگرام ۾ واهپيدارن لاءِ نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
انهن فيچرز جو بنيادي مقصد واهپيدارن کي آن لائين رابطن سان وڌيڪ جوڙن جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي.
ميٽا طرفان اعلانيل فيچرز ۾ هڪ فيچر پبلڪ پوسٽن ۽ ريلز کي شيئر ڪرڻ بابت آهي، ٻيو دوستن سان انسٽاگرام ميپ جي شڪل ۾ لوڪيشن شيئر ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو، جڏهن ته ٽيون فيچر نئين ”فرينڊز ٽيب“ تي ٻڌل آهي.
پوسٽن ۽ ريلز کي شيئر ڪرڻ واري فيچر کي ”ري پوسٽس“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدار ٻين ماڻهن جا پبلڪ ريلز ۽ فيڊ پوسٽون شيئر ڪري سگهندا.
پوسٽ کي سڀ کان پهريان پوسٽ ڪندڙ شخص کي ڪريڊٽ ملندو ۽ ري شيئر ٿيل پوسٽون هڪ نئين ٽيب ۾ نظر اينديون.
ميٽا موجب، هاڻ پوسٽن ۽ ريلز ۾ هڪ نئون ”ري شيئر“ آئڪون به نظر ايندو.
ڪمپني طرفان ڄاڻايو ويو آهي ته ان سان واهپيدارن کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچ حاصل ٿيندي، ڇو ته سندن پوسٽون ري پوسٽ ٿي ٻين واهپيدارن جي فالوورز تائين پهچي سگهنديون.
ان کانسواءِ انسٽاگرام ۾ هڪ نئون ميپ فيچر پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هن ميپ ۾ توهان پنهنجي آخري سرگرم لوڪيشن شيئر ڪري سگهو ٿا، ان گڏوگڏ اهو به طئي ڪري سگهو ٿا ته ڪير توهان جي لوڪيشن ڏسي سگهي ٿو.
اهڙي ريت اهو فيصلو به ڪري سگهو ٿا ته ڪجهه مخصوص هنڌن جي لوڪيشن شيئر نه ٿئي.
ڪمپني موجب، واهپيدار جڏهن به چاهين ته لوڪيشن شيئرنگ کي غيرفعال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ريلز، پوسٽون ۽ اسٽوريز به ميپ ذريعي ڏسڻ ممڪن هونديون.
ٽيون فيچر نئين “ فرينڊز ٽيب“ جو آهي، جيڪو ريلز جي مٿان موجود هوندو، جنهن ۾ واهپيدار جي رابطن جو پبلڪ مواد ڏيکاريو ويندو، اِهو فيچر اڳ ۾ محدود واهپيدارن لاءِ موجود هو، پر هاڻي ان کي عالمي سطح تي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.