جشن آزادي: سنڌ حڪومت جو ”آزادي ٽرين“ هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزادي جي خوشين کي منفرد انداز ۾ ملهائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ڪراچي کان ٿرپارڪر زيرو پوائنٽ تائين خاص ”آزادي ٽرين“ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ثقافت ۽ سياحت واري وزير ذوالفقار علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ”ٿر ڊيزرٽ سفاري ٽرين“ کي 13 آگسٽ تي ”آزادي ٽرين“ طور روانو ڪيو ويندو.
اها ٽرين ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، عمرڪوٽ کان ٿيندي زيرو پوائنٽ ٿرپارڪر تائين ويندي ۽ 14 آگسٽ جي شام واپس ڪراچي پهچندي.
صوبائي وزير چيو ته ان قدم جو مقصد آزادي جي جشن کي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ ۽ دنيا کي پاڪستاني قوم پرامن، متحد ۽ خوشحال هجڻ جو پيغام ڏيڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.